جاويد جبار

جاويد جبار: اڳوڻو وفاقي وزير، ليکڪ، فلم ساز ۽ اقتصاديات جو ماهر جاويد جبار گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. فلم ساز جي حيثيت ۾ هن انگريزي فيچر فلم(Beyond The Last Mountain) 1976ع ۾ لکي، ان جي ڊائريڪشن به ڏنائين. هن 14 دستاويزي فلمون ۽ 400 کان وڌيڪ اشتهاري فلمون ٺاهيون آهن. جاويد جبار ٿرپاڪر ۾ سماجي حوالي سان قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ’ٻانهن ٻيلي‘ تنظيم جو اڳواڻ آهي، جيڪا تنظيم ٿرپارڪر جي 200 کان وڌيڪ ڏورانهين ڳوٺن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن تنظيم ڇوڪرين جا ڪيترا اسڪول قائم ڪيا آهن ۽ ڪافي هنڌن تي زندگيءَ جون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون آهن. ٿر ۾ زراعت کي هٿي وٺائيندي، ٻوٽن ۽ وڻن پوکڻ جو عمل شروع ڪيائين، ’ڳوٺ ستارا تنظيم‘ (SPO) جو صدر به رهي چڪو آهي، جيڪا پوري پاڪستان ۾ 265 کان مٿي ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم ڪري رهي آهي. جڏهن ته 6 نومبر 1996ع تي صدر فاروق لغاري، بينظير ڀٽو کي نااهل قرار ڏيئي، معراج خالد جي نگرانيءَ ۾ حڪومت ٺاهي، تڏهن هيءُ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وزارت ۾ وفاقي وزير طور شامل ٿيو. ان کان اڳ هيءُ 1988ع ۾ بينظير ڀٽو شهيد جي پهرين حڪومت ۾ اطلاعات نشريات، تنهن کان پوءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو وزير ٿيو ۽ 1991ع کان 1995ع تائين سينيٽ جو ميمبر رهيو. S.O.S چلڊرين وليج سنڌ جو باني ميمبر به آهي. ان کانسواءِ ٻين ادارن ۽ انجمنن جو ميمبر رهيو آهي. سياست، ثقافت، ترقي ۽ ميڊيا جي موضوعن تي سندس مقالا ۽ مضمون لکيل آهن. هو اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جو صلاحڪار به رهيو آهي.


لفظ جاويد جبارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو